بحرالدين شنباڻي

بحرالدين شنباڻي: مشھور سگهڙ بحرالدين ولد ڪوڙو خان شنباڻي 1950ع ۾ ڳوٺ درياءُ خان شنباڻيءَ، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان لوڪ ڪچھريون ٻڌڻ سبب سندس لاڙو سگهڙ پائي ڏانهن وڌيو. شاعري ۾ ’بحر‘ تخلص ڪتب آندو اٿس. سگهڙ پائي جي مختلف صنفن ۾ شعر چيا اٿس. سندس فن جي مڃتا طور کيس شاهه لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، بيدل بيڪس اوارڊ سميت ٻيا اوارڊ ۽ انعام مليا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’تڙ تڙ تنوارون‘، ’موتين مالھا‘، ’گيت منھنجا غزل‘ (2017ع) ۽ ’ڪليات بحر‘ (2015ع) شامل آهن. هن 20 مئي 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

بحرالدين ولد ڪؤڙو خان شنباڻي ، تخلص ” بحر “ ، 1950ع ۾ ڳوٺ درياءُ خان شنباڻيءَ ( ضلعي خيرپور ) ۾ ڄائو .



سگهڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بحرالدين شنباڻي
سگهڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون